ڀليڏنو کٽي

ڀليڏنو کٽي: ڀليڏنو کٽي اجرڪ جو ڀلوڙ ڪاريگرٿي گذريو آهي. هي ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ٽکڙ ۾ سندس اجرڪن جو ڪارخانو هو. ورهاڱي کانپوءِ ٽکڙ مان لڏي ٽنڊي محمد خان ۾ اچي ويٺو. اُتي به اجرڪ جو ڪارخانو قائم ڪيائين. جنهن ۾ ڪيترائي ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. کيس سندس هنر جي مڃتا طور صدارتي حسن ڪارڪردگي اوارڊ پڻ مليو. ٽنڊي محمد خان ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين.


لفظ ڀليڏنو کٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو